اسلام آبادپاڪستان

خورشيد شاهه جي ضمانت منظور،نيب الزام ثابت نه ڪري سگهيو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪندي هڪ ڪروڙ رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته خورشيد شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ رهندو، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ احتساب عدالت سان رابطو ڪري سگھي ٿو. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خورشيد جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي ٿي.نيب جي وڪيل ان دوران پنهنجي موقف ۾ چيو ته خورشيد شاهه خلاف جاچ مڪمل ٿي وئي آهي، وڪيلن جي هڙتال سبب ريفرنس داخل نه ٿي سگهيو آهي. عدالتي پڇاڻي تي خورشيد شاهه جي وڪيل چيو ته خورشيد شاهه تي 12 ملڪيتن ۽ 5 بئنڪ اڪائونٽس کي جواز بنائي ريفرنس بنايو ويو. نيب خورشيد شاهه تي 574 ايڪڙ زرعي زمين جي خريداري تي ڪرپشن جو الزام لڳايو. تپيدار اهو به مڃيو ته هن زمين جي قيمت اندازي سان لڳائي. 574 ايڪڙ زمين جي قيمت خريد ڪيل سيل ڊيڊ ۽ ڪيلڪٽر جي نوٽيفڪيشن سان ڪنفرم ٿيندي آهي. 1039 ايڪڙ بنجر زمين 1979ع ۾ عبدالحفيظ پيرزاده جي پيءُ عبدالستار پيرزاده 80 هزار ۾ خريد ڪئي. هن اها زمين 1982ع ۾ اڳيان وڪرو ڪئي. پوءِ اها زمين خورشيد شاهه خريد ڪئي. زمين کي هاڻ لفٽ اريگيشن ذريعي پوکيو ويندو آهي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ هڪ ڪروڙ روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي بدلي خورشيد شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته نيب خورشيد شاهه کي گرفتاري ۾ رکڻ جو ڪو پڪو سبب ناهي ٻڌائي سگهيو. نيب جا شاهد به ته خورشيد شاهه جا مخالف آهن، ڇا نيب وٽ واحد اهو ثبوت آهي ته هو 40 ڀيرا ٻاهرين ملڪ ويو؟ واضح رهي ته خورشيد شاهه کي 18 سيپٽمبر 2019 تي نيب گرفتار ڪيو هو. نيب سکر طرفان خورشيد شاهه تي هڪ ارب 30 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ خورشيد شاهه جي گهر واري، 2 پٽ ۽ ڀاڻيجي سميت 18 ڄڻن کي ريفرنس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button