اسلام آبادپاڪستان

ٽي ايل پي جي مطالبي تي فرانسيسي سفير کي نٿا ڪڍي سگهون:گهرو وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪالعدم ٽي ايل پي جي مطالبي تي فرانسيسي سفير کي نٿا ڪڍي سگهون. سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ سان يورپي ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿي ويندا. فرانسيسي سفير کي ملڪ مان ڪڍڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جا يورپي يونين سان لاڳاپا ختم ٿي وڃن. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جون سمورن معاملن تي نظرون آهن. شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن جمعون جمعون کيڏي رهي آهي. گذريل ڏينهن جي احتجاج کي سڀني ڏسي ورتو. اپوزيشن جي احتجاج سان ڪجهه ناهي ٿيندو، سواءِ شهرين کي پريشان ڪرڻ جي. اپوزيشن جو احتجاج ۽ ڌرڻو جمهوريت کي ثابت ڪري ٿو. عمران خان جي اڳواڻي ۾ مهانگائي جي جن کي قابو ڪنداسين. گهرو وزير اسلام آباد ۾ پوليس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۽ ايئرپيٽرول يونٽ جي لانچنگ تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي پوليس لاءِ شهيدن جو پيڪيج پنجاب پوليس جي برابر ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي لاءِ هڪ هزار وڌيڪ اهلڪارن جي ڀرتي منظور ڪئي وئي آهي. اسلام آباد پوليس جون پگهارون بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اسلام آباد کي محفوظ بنائڻ جي لاءِ ڊرونز جو استعمال ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button