اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 16 حياتيون کسي ورتيون،1690 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڪرونا وائرس وگهي 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 328 ٿي ويو آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 622 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 66 هزار 826 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 4 لک 38 هزار 433، سنڌ ۾ 4 لک 66 هزار 750، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 77 هزار 132، بلوچستان ۾ 33 هزار 149، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 347 اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 571 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 416 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 3 لک 66 هزار 157 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 334 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 13 هزار 799 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 690 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 16 مريض فوت ٿيا، جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 328 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button