پيارو اسٽيشن ڀرسان راهوجا مائينر کي آر ڊي 15 وٽان 15 فوٽ گهارو پئجي ويو، شاخ ۾ پاڻيءَ جي لاڳيتي کوٽ کانپوءِ شاخ ۾ اوچتو ايندڙ پاڻي سبب ڪپر ڪمزور هئڻ ڪري گهارو لڳي ويو، شاخن جي کاٽي نه هئڻ سبب پاڻي مذڪوره آر ڊي وٽان شاخ بدران خالي کڏن ۽ زرعي زمينن ۾ وهي ويو،
جڏهن ته گهارو پوڻ باوجود آبپاشي عملو نه پهتو، مقامي ڳوٺاڻن ۽ هارين پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻَڌي ورتو