سنڌ

سنڌ يونيورسٽي ۽ سينٽر ملازمن جي مطالبن جي مڃتا لا ريلي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ سينٽرن جي وفاق پاران بجيٽ گهٽائڻ باوجود وقت تي بجيٽ نه ڏيڻ خلاف ڪالهه ملازمن ماڊل اسڪول حيدرآباد کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي محمد علي گهانگهرو، ذوالفقار علي رستماڻي، سهراب برفت، رستم علي چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سنڌ يونيورسٽي سان ماٽيلي ما وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، بجيٽون گهٽائي وقت تي نه ڏيڻ ۽ بيل آئوٽ پيڪيج نه ڏئي ادارن کي بند ڪرائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، انڪري ملازمن سينٽر ايريا اسٽڊي سينٽر، پاڪستان اسٽڊي سينٽر ۽ سينٽر آف ايڪسيلينس، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سينٽر آف ايڪسيلينس انلاجيڪل ڪيمسٽري جي ملازمن جي پگهار 2 سالن کان ڪٽوتي ڪري ڏني پئي وڃي، جنهن ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته بجيٽ وقت تي نه ملڻ ڪري پروموشن ۽ ٻيا مسئلا حل نه ٿي سگهيا آهن. .

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button