سنڌ

آبپاشي ملازمن جو مارچ حيدرآباد پهتو،صوبائي وزير جي ڪئمپ آفيس آڏو ڌرڻو

آل سنڌ اريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ پاران ڪمون شهيد کان نڪتل لانگ مارچ ڪالهه حيدرآباد پهتو ته شاندار استقبال ڪيو ويو، مارچ ۾ شريڪ آبپاشي ملازمن چيف انجنيئر ايريگيشن ڪوٽڙي بئراج ريجن ۽ صوبائي وزير آبپاشي جي ڪئمپ آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا لا نعريبازي ڪئي. هوڏانهن لاڙڪاڻو، خيرپور، گمبٽ، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان مزدور مطالبن جي حل لاءِ ڪمون شهيد کان لانگ مارچ ڪري حيدرآباد پهچي سن ڪوٽا، يوٽيلٽي الائونس، گروپ انشورنس، هيلٿ ڪارڊ، آبپاشي کاتي جي خالي پيل زمينن ۽ پلاٽن تي سرڪاري ملازمن لاءِ گهر ۽ ڪالونين جي تعمير، آر بي او ڊي جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي مڪينيڪل ۽ ٻين ڊويزنن ۾ ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪل اسٽاف کي ٽيڪنيڪل الائونس ڏيڻ کانسواءِ آبپاشي ملازمن کي حق نه ملڻ خلاف ڌرڻو هنيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button