برطانيا جي حڪومت پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لا پنهنجو سهڪار وڌائيندي اضافي 15 ملين پائونڊ (7 ارب رپيا) امداد جو اعلان ڪيو آهي. برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري لزٽرس اعلان ڪندي چيو ته برطانيا پاڪستان کي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کانپو حياتيون بچائڻ لاءِ امداد ڏئي رهيو آهي، اسان جي طرفان 15 ملين پائونڊ جي امداد سان پاڪستان ۾ ماڻهن کي پناهگاهه ۽ ضروري سامان فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻئي طرف برطانوي ها ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هي امدادي گڏيل قومن جي اعلانيل امداد کان 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close