پاڪستان

عمران خان خلاف ڪا سازش نه ڪئي، آمريڪا الزام رد ڪري ڇڏيا

آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي صلاحڪار ڊيرڪ شولي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سازش وارن الزامن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين جي الزام ۾ ڪا سچائي ناهي. هڪ انٽرويو ۾ ڊيرڪ شولي چيو ته پاڪستان اهم ملڪ آهي، اتي ڀلي ڪهڙي به حڪومت هجي ان سان لاڳاپا ۽ سهڪار جاري رهندو، آمريڪا جا پاڪستان سان گهرا لاڳاپا آهن ۽ اهي رڳو افغانستان تائين محدود نه آهن، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي سهڪار ۽ ٻوڏ سٽيل ماڻهن لاءِ امداد آمريڪي عزم جو اظهار آهي. ڊيرڪ شولي وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشن ۾ پاڪستان اسان جو اهم حمايتي آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ مضبوط فوجي سهڪار آهي، افغانستان کانسواءِ به دهشتگردي کي منهن ڏيڻ اسان جي گڏيل مفاد ۾ آهي، اميد ته اڳتي به دهشتگردي خلاف آپريشن ۾ پاڪستان جو ساٿ حاصل رهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪا ڪڏهن به پاڪستان کي پابند ناهي ڪيو ته چين ۽ آمريڪا مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪئي وڃي، هر ملڪ کي پنهنجي چونڊ ۽ فيصلن جو اختيار هجڻ جا حامي آهيون، واشنگٽن کي ڪڏهن به چين جي مقابلي جو ڊپ ناهي رهيو، اسان شفاف مقابلو چاهيون ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button