غير درجه بندي

منڇر وٽ ايف پي بند کي 6 گهارا،ڪي اين شاهه ۾ لاش وڻ ۾ ڦاٿل

منڇر وٽ ايف پي بند کي 6 گهارا پئجي ويا. ڪي اين شاهه ۾ پاڻي جي تيز وهڪري ۾ 3 ڄڻا لڙهي ويا، 2 ڄڻن جا لاش هٿ آيا. هزارين ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل آهن، بلوچستان کان آيل ٻوڏ جي پاڻي سبب ايف پي بچا بند، ايم اين وي ڊرين ۽ سپريو بند کي مختلف هنڌن کان لڳل گهارا وڌي سوين فوٽ ٿي ويا، ميهڙ ۽ جوهي رنگ بندن تي خطرناڪ دٻا آهي. تفصيل موجب منڇر ڍنڍ وٽ ايف پي بند کي زيرو پوائنٽ تان اولهه واري پاسي ڇهه گهارا لڳي ويا آهن، جنهن ڪري منڇر ۾ پاڻي جي حد 21 فوٽ (121 آر ايل) تي پهچي وئي آهي. ايف پي بند کي لڳل ڇهن هنڌن تان ڪٽن مان پاڻي ايم اين وي ڊرين ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي، جيڪو تيزي سان منڇر ڍنڍ ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ايف پي بند کي گهارن سبب منڇر جي زيرو پوائنٽ وٽ ايم اين وي ڊرين تي سخت دٻاءُ آهي، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ايم اين وي ڊرين جي بندن تي لڪڙا، ٽوئا ۽ مٽي وجهي رهيا آهن، بند تي دٻا کانپوءِ سوين ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت بندن تي پهچي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button