وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقي ڊيرا اسماعيل خان پهچي ويو، جتي هن وهڪرن سبب ٽٽل سگو پل جو دورو ڪيو ۽ متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ميڊيا سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهرجن، اسان متاثرن کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين، ٽانڪ ۾ 100 گهرن تي ٻڌل وسندي جو ٻن هفتن بعد افتتاح ڪندس، گهرن جي تعمير لاءِ روڪ رقم ڏيڻ يا گهر ٺهرائي ڏيڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته برساتن سبب ٻوڏ جي نقصانن کان بچڻ لاءِ ننڍن ڊئمن جي تعمير ڪرڻي پوندي ۽ ان لا پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا، متاثرن تائين امداد شفاف طريقي سان پهچائينداسين ۽ ان تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. شهباز شريف چيو ته آئون هڪ ڀيرو ٻيهر مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ صورتحال جي جائزي لاءِ حاضر ٿيو آهيان، هي ڏکيو وقت آهي ۽ قدرتي آفت آهي پر الله تعاليٰ جي مدد سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، ادارا ۽ پاڪ فوج گڏجي پسند ناپسند ۽ سياست کان مٿانهون ٿي خدمت لاءِ ڪم ڪندا، پاڪ فوج جا ٿورا مڃون ٿا جنهن هر جڳهه تي متاثرن کي مدد فراهم ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن کان وڌيڪ ڏينهن رات انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته قمبر- شهدادڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين متاثر علائقن ۾ جيستائين نظر پوي ٿي اتي پاڻي بيٺل آهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ به تباهي ٿي آهي. سوات ۾ درياهه جي اندر اڏاوت سنگين غلطي هئي، اتي قطعي طور تي اڏاوتن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ها، مون پاڪستان ۾ ان کان وڌيڪ تباهي ڪڏهن به ناهي ڏٺي، گذريل حڪومت وسيلن جي بربادي ڪئي، اسان کي سياست پاسي تي رکي خدمت ڪرڻي آهي، وفاق ۾ گڏيل حڪومت آهي، هن حڪومت پهرين 28 ارب رپيا متاثر خاندانن لاءِ رکيا، في خاندان کي 25- 25 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن، انهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 20 ارب رپيا شفاف طريقي سان ورهائجي چڪا آهن. ٻوڏ جي تباهين جي وڌڻ سان حقيقتن جي بنياد تي ڪاٿو هاڻي 70 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. اهو مالي بار وفاقي حڪومت برداشت ڪري رهي آهي باقي خرچ ان کانسواءِ آهن، صوبا به پنهنجي وسيلن مان ڏئي رهيا آهن. انهن کي به وڌيڪ وسيلا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي ذريعي 2 لک خيما چئني صوبن کي نقصانن جي ڪاٿي موجب فراهم ڪنداسين، نيشنل ها وي اٿارٽي، وزير ۽ مواصلات سيڪريٽري متاثر رستن جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن. اسان اهو نه ڏٺو ته وفاق يا صوبن مان ڪنهن جو ڪم آهي، اسان پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون، جن علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي اتي وبائي مرضن جو چئلينج آهي. صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير لاءِ کربين رپيا گهربل هوندا، جيڪو تمام وڏو چئلينج آهي، متاثرن لا ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي شفاف طريقي سان انهن تائين پهچائينداسين، ٽانڪ ۾ هڪ سرندي واري شخص جي مالي تعاون سان ٻن ڪمرن تي ٻڌل 100 گهرن جو 2 هفتن بعد افتتاح ڪندس، جيڪڏهن اهو منصوبو ڪامياب ٿيو ته ان کي سمورن متاثر علائقن تائين وڌائينداسين، ٻوڏ ۽ برساتن سبب لکين گهر تباهه ٿيا آهن، انهن جو معاوضو ادا ڪرڻو آهي پر اهو سوال اٿي رهيو آهي ته گهرن جي تعمير لاءِ روڪ رقم ڏني وڃي يا گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، ان ۾ ڪجهه خدشا به آهن. ڪجهه آسانيون ۽ ڪجهه مشڪلاتون به آهن، چوماسي ۾ ٻوڏ دريائن ۾ چاڙهه سبب اچي ٿي، ان کان بچڻ لاءِ مستقل رٿابندي ڪرڻي پوندي، ننڍا ڊئم ۽ پائيدار منصوبا ٺاهڻا پوندا، موجوده صورتحال هر شيءَ کي تباهه ڪيو آهي، جنهن سان غربت سميت ڊگهي عرصي تائين اثر پئجي سگهن ٿا، متاثر ماڻهو صبر کان ڪم وٺن. آخري شخص ۽ گهر جي آبادڪاري تائين سک سان نه ويهنداسين، آئون پنهنجون ذميواريون نڀائيندي هر جڳهه تي وڃي رهيو آهيان، متاثر ماڻهن کي هر حال ۾ وسيلا فراهم ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close