اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ڏانهن درخواست اماڻي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ هڪ رپيو 39 پئسا في يونٽ تائين واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ نيپرا وفاقي حڪومت جي درخواست تي 2 نومبر تي شنوائي ڪندو. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ڪي اليڪٽرڪ سميت سموري ملڪ جي صارفين لاءِ ڪئي وئي آهي پر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان لائف لائن صارفين تي نه هوندو. 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ڇوٽ حاصل هوندي. واضح رهي ته ان کان اڳ 15 آڪٽوبر تي وفاقي ڪابينا بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 68 پئسا اضافو ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن ناڻي واري وزارت طرفان به آئوٽ لڪ جاري ڪيو ويو هو جنهن ۾ عوام کي وڌيڪ مهانگائي کان خبردار ڪيو ويو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close