اسلام آبادپاڪستان

ڪالعدم ٽي ايل پي کي قانون ٽوڙڻ تي ڪا به رعايت نه ملندي:قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي سلامتي ڪميٽي چيو آهي ته ٽي ايل پي سان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪيون وينديون، انهن کي قانون جي ڀڃڪڙين تي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي. ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ملڪ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪالهه اجلاس بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾وفاقي وزيرن، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي فوجن جي سربراهن، ڊي جي آءِ ايس آءِ، انٽيلي جنس بيورو، ايف آءِ اي، سينيئر سول ۽ عسڪري اختيارين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پڌرائي موجب قومي سلامتي ڪميٽي کي ملڪ جي اندرين صورتحال ۽ ٽي ايل پي جي احتجاج تي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪنهن به گروپ يا ماڻهو کي امن واري صورتحال بگاڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ڪنهن کي به حڪومت تي دٻاءَ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي هر قسم جي امداد ۽ پٺڀرائي جاري رکندي. قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار عوام جو تحفظ ڪري رهيا آهن. عمران خان وڌيڪ چيو ته عوام جي جان ۽ ملڪيت جي تحفظ، رياست جي حڪمراني قائم رکڻ جي لاءِ سڀ قدم کي يقيني بڻايو ويندو. پڌرائي موجب ڪميٽي پابندي مڙهيل ٽي ايل پي جي احتجاج دوران جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، قانون جي عمل داري ۾ خلل وجهڻ جي وڌيڪ اجازت نه ڏني ويندي. قومي سلامتي ڪميٽي پوليس جي پيشوراڻي ڪارڪردگي ۽ تحمل کي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته مظاهرين سان جهڙپن ۾ پوليس جا 4 اهلڪار شهيد ۽ 400 کان مٿي زخمي ٿيا. ڪميٽي چيو ته صبر کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پوليس جان ۽ مال جي حفاظت جو حق حاصل آهي. رياست پرامن احتجاج کي قبول ڪندي آهي، پابندي مڙهيل ٽي ايل پي ڄاڻي واڻي سرڪاري ۽ خانگي جاين کي نقصان پهچايو، اهلڪارن تي تشدد ڪيو ويو اهو رويو قبول ناهي. ڪميٽي اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ته رياست آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪندي، رياست ڪنهن به قسم جي غيرآئيني ۽ هروڀرو جي مطالابن کي قبول نه ڪندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته قومي سلامتي موقف اختيار ڪيو ته ٽي ايل پي سان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڳالهيون ڪيون وينديون، انهن کي قانون جي ڀڃڪڙين تي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، ڪنهن به قسم جا ناجائز مطالبا قبول نه ڪيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رياست جي خودمختاري کي ڪنهن به اندرين يا ٻاهرين خطرن کان محفوظ رکيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button