اسلام آبادپاڪستان

پوليس ۽ مظاهرين ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي،تڪليف ڏيندڙ آهي:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو تڪليف ڏيندڙ آهي. قانون شهرين خلاف طاقت جي استعمال جي اجازت نٿو ڏئي. رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پابندي مڙهيل ٽي ايل پي جي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن مٿان پوليس تشدد جي خلاف داخل درخواست تي شنوائي ٿي. شهداءَ فائونڊيشن طرفان داخل ڪيل درخواست تي جسٽس عامر فاروق شنوائي ڪئي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل ايڊووڪيٽ طارق اسد عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته احتجاج ڪندڙن مٿان پوليس تشدد کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي. مظاهرين مٿان تشدد جي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان صحيح چئي رهيا آهيو ته قانون شهرين جي خلاف طاقت جي استعمال جي اجازت نٿو ڏئي، جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اهو تڪليف ڏيندڙ آهي. اڃا تائين اهو سڀ ڪجهه پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي. پنجاب اسان جي اختيار واري دائري کان ٻاهر آهي. معاملو انساني جانين جو آهي، ان لاءِ اسان هن ڪيس کي ڏسنداسين. درخواست گذار جي وڪيل جواب ڏنو ته اهي سمورا حڪم وفاقي حڪومت جاري ڪري رهي آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان سومر تي ڌرين کي طلب ڪري ٿا وٺون. درخواست گذار جي وڪيل استدعا ڪئي ته سومر تائين گهڻي دير ٿي ويندي. حڪم امتناعي جي درخواست تي اڄ آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسان کي صرف هڪ ڏينهن ڏيو، اسان ڌرين کي طلب ڪري رپورٽ وٺون ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت درخواست جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button