اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 17 ڄڻا فوت، 1395 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 431 ٿي ويو آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 659 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 39 هزار 845، سنڌ ۾ 4 لک 69 هزار 122،خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 77 هزار 807، بلوچستان ۾ 33 هزار 228، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 389، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 835 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 461 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ هنيئر تائين 2 ڪروڙ 7 لک 5 هزار 288 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 45 هزار 93 نوان ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 20 هزار 105 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 395 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 71 هزار 687 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button