اڄڪلھه فيس بڪ تي انٽرپريونرشپ يا انٽرپريونر جون ڳالهيون عام جام ٿي رھيون آهن ۽ وري ڪي ٽيڪنالاجي جا اڌ گابرا ماڻهو اهي صلاحون ڏيڻ ۾ پورا آهن تـه آن لائين ڪاروبار ڪري ججھا پئسا ڪمائٔي سگهجن ٿا. انٽرپريونرشپ جو مقصد ڪوبه نئون ڪاروبار شروع ڪرڻ آهي ۽ ان ۾ نواڻ آڻي پنهنجي ڪاروبار کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. جڏهن تـه انٽرپريونر جو مقصد ان ڪاروبار جو مالڪ ٿيڻ آهي. آن لائٔين ڪاروبار لا پراڊڪٽ ۽ مارڪيٽ جي ڄاڻ ھجڻ نھايت ضروري آهي، جيڪا اسان جي نوجوان وٽ انڪري نـه ھجڻ برابر آهي جو ان وٽ ڪاروباري پسمنظر ناهي. جڏهن تـه ٻيون ٻوليون ڳالهائٔيندڙ ننڍپڻ کان ئي ڪاروبار سان لڳايا وڃن ٿا ته جيئٔن اھي تعليم سان گڏ ڪاروبار پڻ ڪن ۽ اسان سرڪاري نوڪرين جي آسري پنهنجي زندگي وڃائٔي ڇڏي آهي.
ملڪ ۾ ڪو پنجيتاليھه لک ماڻهو بيروزگار آهن، جن وٽ ماسٽرس جي ڊگري آهي. جڏهن ته ان کان ھيٺ ڊگريون رکندڙن جو انگ پڻ اڻ ڳڻيو آهي. سنڌ ان بيروزگاري ۾ وڌيڪ انڪري ڀوڳي ٿي جو ڌرتي ڌڻين جي وسيلن جو وڏو حصو ڌاريا ماڻهو پنهنجي قبضي ھيٺ ڪري چڪا آهن ۽ باقي بچيل حصي تي پڻ قابض ٿيڻ جون ڪوششون تيزي سان جاري آهن. ھڪ رپورٽ مطابق سنڌ جي گادي جو ھنڌ ايندڙ ويھن سالن کانپو سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کان خالي يا ان شھر جي واڳ انهن وٽ نـه ھوندي ڇو ته ڪراچي ۾ تيزي سان ڌارٔي آبادي جو دٻا وڌي رھيو آهي ۽ ان تي ڀرپاسي وارن ملڪن مان تيزي سان لڏپلاڻ ڪندڙ ڌاريا قابض ٿي چڪا ھوندا. ھڪ اندازي موجب سنڌ ۾ ڪو ھڪ ھزار ننڍيون وڏيون صنعتون بند آهن ۽ باقي جيڪي ھلندڙ آهن، انھن ۾ سنڌي نالي ماتر آهن يا انهن ادارن ۾ ويٺل ڪرتا ڌرتا ڌرتي ڌڻين کي روزگار ڏيڻ کان نابري واري روزگار جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. اھو پڻ ياد رھي تـه ڪجهه عرصو اڳ ليبر ڊپارٽمينٽ پاران حيدرآباد ۾ قائٔم صنعتي يونٽن کي خط لکي پابند ڪيو ويو ھو تـه ادارن اندر ڪم ڪندڙ ڌرتي ڌڻي ڪيترا آهن ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو ڪيتري انگ ۾ ڀرتي ڪري سنڌ واسين کي روزگار کان پري رکيو ويو آهي، پر خبر ناهي ان چرپر جو ڪھڙو نتيجو نڪتو.
بيروزگاري جي وڌندڙ مسئلي کي موجوده سنڌ سرڪار منهن ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي ۽ سرڪار وٽ نـه تـه ڪا سوچ آهي ۽ نه وري ان متعلق ڪا حڪمت عملي تـه ڪيئٔن ان کي منهن ڏجي. نتيجي طور سنڌ ۾ فردي ۽ اجتماعي خودڪشيون ڏينهون ڏينهن وڌي رھيون آهن ۽ سماج زوال ڏانهن روان دوان آهي. ان ڏکي صورتحال ۾ انهن سوچيندڙن ۽ باعمل ڪردارن جو فرض ٿئٔي ٿو ته اھي اڳتي اچن ۽ بيروزگارن لا ڪو دڳ جوڙين ۽ ڪا آٿت ڏين ته جيئٔن ان جن مان پنهنجي جان آجي ڪرائٔي سگهجي. پر افسوس جو ڪوبه ڌڻي سائين دردن جو درمان ڪرڻ لا تيار ناهي. ان صورتحال ۾ جيڪي ماڻهو ڪجهه نـه ڪجهه ڪرڻ چاھين ٿا تن کي گهرجي تـه اھي اڳيان اچن ۽ انهن وٽ ٿورو گهڻو پئسو آهي، اھو ننڍي صنعت يا ڪاروبار ۾ سيڙائي پنهنجي محنت سان ٻين لا مشعل راه يا رول ماڊل ٿي ڏيکارين. ننڍن ڪاروبارن ۾ ھن وقت ڪڪڙين جي پالنا، ٻڪرين جي پالنا يا اھي ڍور جيڪي روزمره استعمال ٿين ٿا پڻ چڱو خاصو ڪم آهي. ھڪ اڻ تصديق اطلاع موجب ڪراچي ۾ روز ڇھه ھزار ڍور ڪسجي ٿو جيڪو ڪراچي ۾ رھندڙن جو پورائو ڪري ٿو ۽ ان ڪاروبار ۾ پنجابي ۽ اردو ٻولي ڳالهائيندڙ نـه رڳو اڪثريت ۾ آهن پر اھي ھاڻي ٻي ڪنهن کي پير کوڙڻ بـه نـه ٿا ڏين. سروي موجب ڍورن جو وڏو انگ پنجاب مان اچي ٿو ۽ جيڪڏهن سنڌ جي شھرن مان خريد ڪجي ٿو ته اوڌر تي يا گھٽ پئسن تي وٺي اھي ٻيا ٻوليون ڳالهائيندڙ ان مان چڱو خاصو پئسو ڪمائٔين ٿا.
پلاسٽڪ جون ننڍيون توڙي وڏيون پاڻي جون بوتلون يا پلاسٽڪ جو ٻيو سامان يا پاڻي جو ڪاروبار يا ھٿ جو ھنر ڪري ان کي ھٿي ڏئٔي پنهنجو پيٽ گذر ڪري سگهجي ٿو. جڏهن تـه اسٽيشنري جو ڪاروبار يا موسمي ڪاروبار ڪري پنهنجي چلھه ٻاري سگهجي ٿي. اسان وٽ سياري جي موسم اچي رھي آهي جنهن ۾ کوڙ ساريون سايون ڀاڄيون سڪائي انهن کي ايندڙ گرمي جي موسم ۾ کپائي سگهجي ٿو. جڏهن تـه سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي ۾ اھڙيون کوڙ ساريون شيون روزمره جي استعمال واريون گھٽ لاڳت سان کڻي سنڌ جي باقي شھرن ۾ کپائي سگهجن ٿيون. جڏهن تـه گرم مصالحا ۽ چانھه جي پتي، چانور ۽ ٻيو اناج پنهنجي پيڪنگ ۾ بند ڪري يا اوپن مارڪيٽ مان کڻي ان کي پنهنجو نالو ڏئي شھرن ۽ ڳوٺن ۾ کپائٔي سگهجي ٿو. موٽرسائيڪل نـه رڳو ھر گهر جي ضرورت آهي پر ھر گهر ۾ ٻـه يا ٽي گاڏيون موجود آهن جن جا پارٽس پڻ وڏين مارڪيٽ مان کڻي ننڍن توڙي وڏن شھرن ۾ وڪرو ڪري پئسو ڪمائٔي سگهجي ٿو. موسم جي حساب سان مکڻ ۽ ماکي پڻ گھٽ لاڳت سان کپائٔي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جا ٺاھي سگهجي ٿي. غير آباد زمينون جيڪي سنڌو دريا جي ڪپ سان آهن، اھي ٻن يا ٽن ايڪڙن ۾ ورھائٔي بيروزگارن کي ڏجن تـه اھي اتي ماکي جي پالنا، گرين ھائوسز ۽ ڀاڄي وغيره پوکي پنهنجو گذر سفر ڪري سگھن ٿا. بظاهر تـه اھي ننڍا ڪاروبار آهن پر محنت ۽ جستجو سان اسان ڪنهن حد تائين پنهنجين پريشانين کي گھٽ ڪري سگھون ٿا. سنڌي ٻولي ڳالهائٔيندڙ جي ڀيٽ ۾ اردو ۽ پنجابي ان ڪم ۾ اسان کان وڌيڪ اڳيان آهن ۽ اھي ڪو بـه عار محسوس ڪونـه ٿا ڪن جڏهن تـه اسان جي ماڻهو کي اجايو خوف يا ڪيئٔن ڪبو واري جملو اڳتي وڌڻ کان روڪي ٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ مان حيدرآباد ۾ ڪڪڙين جي پالنا واري سرڪاري کاتي مان معلومات وٺڻ ويس، جتي معلومات ڏيندڙ ڪچھري دوران ٻڌايو تـه تون ورلي ڪو سنڌي آھين، جيڪو معلومات وٺڻ آيو آھين. جڏهن تـه اسان وٽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ جام ٿا اچن جيڪي معلومات وٺي گھٽ لاڳت سان پنهنجو ڪم ٿا ڪن ۽ ان مان گهر ٿا ھلائئن. جڏهن تـه ڪافي اردو ڳالهائٔيندڙ جن کي مان سڃاڻان ٿو اھي ڀر وارن ملڪن مان ڪاسميٽڪ جو سامان يا تـه گھرائٔين ٿا يا پاڻ وڃي خريد ڪري ملڪ ۾ وڪرو ڪن ٿا. ان عمل سان انهن ۾ خوداعتمادي اچي ٿي ۽ ڪاروبار جي حوالي سان اھي ٻيا ملڪ پڻ گھمي اچن ٿا ۽ نون ڪاروبارن جا خيال پڻ پيدا ٿين ٿا. اسان کي اجاين وسوسن ۽ خوف کان ٻاهر نڪري ننڍن ڪاروبارن کي شروع پوندو ڇاڪاڻ ته ڏينهون ڏينهن ڌاريا انهن ڪاروبارن تي حاوي ٿي اسان تي مسلط ٿي رھيا آهن. دنيا جو مڃيل اصول آهي ته جنهن وٽ شھرن يا ڳوٺن جي ڪاروباري واڳ ھوندي ڳالهه بـه ان جي مڃي ۽ ٻڌي ويندي جو اهي سرڪار کي ٽئڪس ڏين ٿا ۽ مددگار رھن ٿا. ان جو وڏو مثال ڪراچي آهي، جتي سڄي معيشت ھڪ يا ٻن ٻوليون ڳالهائيندڙن وٽ آهي. اھي ئي ھر وقت فيصلائتي وقت ۾ سرڪار کي مجبور ڪن ٿا ته انهن جي ڳالهه کي ٻڌو ۽ مڃيو وڃي.
جن ماڻهن وٽ گھٽ موڙي آهي، اھي پنهنجي ڪنهن ٻئي دوست سان جنهن وٽ ننڍي ڪاروبار ڪرڻ جيتري موڙي ھجي، شراڪتداري تحت ڪاروبار ڪن. ان جا ڪي اصول ٺاھجن ۽ ڪم جو طريقـيڪار طئي ڪجي ۽ پاڻ ۾ برداشت جو مادو ڌارجي، لک پڙھت ۽ شفافيت سان نـه رڳو ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو پر ٻين لا مثالي ٿي نوان دڳ ٺاهي سگهجن ٿا. جڏهن تـه سرڪار کي گهرجي تـه پنجاهه سالن وارن عمر تائٔين جي ماڻهن کي سستي مارڪپ تي قرضن ڏئي ۽ جن وٽ پنج لک يا ان کان مٿي پئسا آهن تـه ان سان شراڪتداري ڪري ننڍي ڪاروباري صنعت کي ھٿي ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن تـه سرندي وارن سان گڏجي ڄامشوري ضلعي ۾ جتي سپر ھا وي ۽ نيشنل ھا وي روڊ آهن، اتي چوپائي مال جا مرڪز قائٔم ڪري پڻ ان صنعت کي وڌائٔي ۽ بيروزگاري کي گھٽائٔي سگهجي ٿو. ڄامشوري جي آبھوا پڻ ان صنعت لا موزون آهي. ان کانسوا ڪوٽڙي جھڙي اھم صنعتي علائقي لا خاص صنعتي پئڪيج ڏنو وڃي ۽ بند پيل ننڍين توڙي وڏين فئڪٽرين کي سرندي وارن جي سهڪار سان شروع ڪري بيروزگاري کي ٻنجو ڏئي عوام ۾ وڌندڙ بيچيني روڪي سگهجي ٿي.
وقت جي سرڪار وٽ جيستائٔين ويزن ناهي، تيستائٔين اھا سٺي مستقبل جو تعين نٿي ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ان کي واقعي بـه اقتدار ۾ رھڻو آهي ته پو وقت جي نزاڪت سان حڪمت عمليون جوڙي، ڌرتي ڌڻين کي سنڌ جي گادي واري ھنڌ آباد ڪرڻ لا جتـن ڪري. ڪراچي جي آسپاس صنعتي يونٽ قائٔم ڪري روزگار جا نوان جھان جوڙي تـه جيئن ايندڙ ڏکي وقت کان بچي پاڻ کي دنيا جي نقشي تي قائم رکي سگهجي. اسان ڌرتي واسين کي بـه روايتي سستي ڇڏڻي پوندي. زميني حقيقتن سان ھلڻو پوندو نـه تـه روئٔڻ پٽڻ تـه ھونئن جاري آهي، جيڪو مڪمل غلامي تائٔين جاري رھندو.