پاڪستانسنڌ

جوهي ۾ هزارين متاثر امداد لا دربدر، سروي به شروع نه ٿي

جوهي: جوهي ۾ هزارين ٻوڏ متاثرن جي سرڪار طرفان سهائتا نه ٿي سگهي، ڪيترائي خاندان پريشاني جي ور چڙهي ويا. جوهي تعلقي ۾ ٻوڏ سبب ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند جي وچين بيلٽ ۾ سوين ڳوٺن ۾ گهر ڊھي پٽ پئجي ويا، هزارين خاندان بندن تي خيما لڳائي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، ڪيترائي متاثر ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن، پر سرڪاري سطح تي متاثرن جي ڪا واهر نه ٿي سگهي آھي. ٻوڏ کي 20 ڏينهن گذرڻ باوجود روينيو کاتي طرفان هڪ ڏينهن به سروي نه ڪئي وئي آھي، نه ئي سرڪاري انگ اکر گڏ ڪرڻ لا ٽيمون ڳوٺن ۾ پهتيون آھن. سروي نه ٿيڻ جي ڪري ڪيترائي خاندان امدادي راشن، خيمن ۽ مڇردانين سميت ٻين سهولتن کان محروم آهن، ڪيترائي خاندان فاقاڪشي ۾ مبتلا هجڻ جا اطلاع آھن. ڳوٺ محبت خان لنڊ، علي محمد مغيري، علي مرتضى لغاري، لعل بخش لنڊ ۽ گل محمد گاڏهي جي ڳوٺاڻن گلشير لغاري، يوسف مغيري، علي نواز گاڏھي، ولي محمد لنڊ ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته گذريل 20 ڏينهن کان گهرن ۾ ڦاٿل آھيون، مختيارڪار جوهي ۽ اسسٽنٽ ڪميشنر جوهي هڪ ڏينهن به سروي لا ٽيم ڳوٺن ۾ نه موڪلي آھي، جنهن سبب سرڪاري سطح تي واهر نه ٿي سگهي آھي، اسان فاقاڪشي تي مجبور آھيون، ضلعي انتظاميا طرفان ڏنل راشن جي پرچي بعد بااثر وڏيرن ۽ جيالن کي ڏنو ويو آھي اسان بي يارو مددگار ويٺل آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري سطح تي سروي شروع ڪري ڳوٺن ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن جا انگ اکر گڏ ڪري سندن واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button