پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو مظاهرو

راڌڻ: راڌڻ شھر جي سيوھاڻي چوڪ تي ٻوڏ متاثر ڄام زرداري واسي دادن زرداري عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ۽ رليف ڪئمپ ھائي اسڪول جي متاثرن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنهن ڪري موھن جو دڙو روڊ تي ٽرئفڪ جام ٿي وئي. هنن چيو ته اسان کي راڌڻ جي حڪمران ڌر، پ پ جا نمائندا ۽ انتظاميا روز آسرو ڏئي ھليا ٿا وڃن، اوھان کي امداد ڏينداسين، پر نه راشن ملي ٿو، نه خيمو ملي ٿو، نه ئي پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو وڃي ٿو، انتظاميا طرفان ملندڙ ماني به بند ٿي وئي آهي، اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن، روڊن تي ٻار بيمار ٿي پيا آهن، جن جو علاج نه ٿي سگهيو آهي، اڃا تائين انتظاميا ۽ پ پ اڳواڻن سار نه لڌي آهي، هاڻ انتظاميا چوي ٿي ته گهر وڃو، اتي اچي امداد ڏينداسين. هنن گهر ڪئي ته اسان کي ٽينٽ، راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي ٻارن جو علاج ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button