پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ رهواسين جو تپيدار جي زيادتين خلاف احتجاج

عمرڪوث: عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ لاکيٻاھه جي رهواسي ڀيل برادري جي ماڻهن روينيو عملدارن خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عارب ڀيل، چتون ڀيل، ساھو ڀيل، سوڍو ڀيل، مدن ڀيل ۽ ٻين چيو ته تپيدار الھواريو کي ھٽائي سرڪاري گوچر زمينون بچايون وڃن، تپيدار اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، تپيدار الھورايو نھڙي قبضا مافيا جي ڌر بڻيل آھي، جيڪو ڪورٽ جي حڪم کي نٿو مڃي، اسان جي گھرن ڀرسان سرڪاري گئوچر، مال جا لنگھه ۽ تڙ ترائ جي ٻنين جا وڻ وڍرائي گئوچر مال لنگھه بااثرن کان آباد ڪرايا آھن، ھاڻ چوي ٿو ته اوھان شوڪت سميجو وارن خلاف ويا ته منهنجي رپورٽ اوھان خلاف ھوندي. هنن گهر ڪئي ته تپيدار کي هٽائي گئوچر بچايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button