پاڪستانسنڌ

فريدآباد لڳ پورهيت جو ٻوڏ جي پاڻي مان لاش مليو

فريدآباد: فريدآباد لڳ ٻوڏ متاثر پورھيت جو ٻوڏ جي پاڻي مان لاش ھٿ آيو. ڳوٺ ولي محمد رند جي رھواسي پورھيت امام الدين پٽ گل محمد رند جيڪو ڪجهه سال اڳ ڳوٺ کان لڏي ديهھ گھاڙھي جاگير ڀرسان پنھنجي زمين تي ويٺو ھو، ٻوڏ ۾ گھر ٻڏي وڃڻ ڪري فريدآباد ۾ قبرستان ڀرسان کليل آسمان ھيٺ ٻار وٺي ويٺو، جيڪو صبح سوير ايف بند کان ھيٺان پنهنجو ٻڏي ويل گھر ڏسڻ ويو ته واپس نه آيو، گھڻي ڳولا بعد سندس ٻوڏ جي پاڻي مان لاش ھٿ آيو، جنهن کانپو سماجي اڳواڻ محمد امين بروھي ۽ ڳوٺاڻن ٻيڙين وسيلي لاش پاڻي مان ڪڍرائي وارثن حوالي ڪيو، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. سياسي سماجي اڳواڻ محمد امين بروھي، جڙيل چانڊيو، بھادر تيوڻو، عبدالفتاح ۽ ٻين سرڪار کان گهر ڪئي ته يتيم ٻارن جي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button