جاپان ۾ خطرناڪ سامونڊي طوفان جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد 40 لک ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ جون هدايتون جاري ٿي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق جاپان جي ڏکڻ اولهندي حصي ۾ سامونڊي طوفان اچڻ جو امڪان آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 40 لک ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري طوفان جي وڪڙ ۾ ايندڙ لکين ماڻهن کي فوري طور تي گهر خالي ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي مطابق سامونڊي طوفان جي ٽڪرائجڻ سان تيز هوائون ۽ وسڪارو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته وڏي پئماني تي تباهي جو به خدشو آهي، ڇاڪاڻ ته طوفان جي شدت وڌيڪ هجڻ ڪري ان کي پنجين درجي جو طوفان قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف امڪاني سامونڊي طوفان اچڻ سبب جاپان جي مختلف ايئر لائين ڪمپنين پنهنجون 335 اڏامون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close