پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح 240 رپين تي پهچي ويو، ان کان اڳ هلندڙ سال 28 جولا تي ڊالر جو اگهه سڀ کان وڌيڪ 239 رپيا 94 پئسن تائين پهتو هو، جنهن بعد گهٽتائي جو رجحان ڏٺو ويو ۽ ڊالر جي قيمت 213 رپين تائين به پهتي هئي. گذريل ڏينهن ڊالر جي اگهه ۾ هڪ رپيو 9 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. مليل ڄاڻ موجب هاڻوڪي حڪومت جي دور ۾ هيل تائين ڊالر 57 رپيا 7 پئسا مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته گذريل پي ٽي آ حڪومت جي ساڍا 3 سالن ۾ ڊالر جو اگهه 58 رپيا 8 پئسا وڌيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close