ڪابل: افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ تعليمي مرڪز ۾ ٿيل آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 43 ٿي ويو آهي ۽ 83 ماڻهو زخمي آهن. افغانستان ۾ موجود گڏيل قومن جي مشن هڪ ٽوئٽ ۾ ٻڌايو آهي ته هڪ آپگهاتي بمبار جمعي جي ڏينهن ڪابل جي هڪ پاڙي ۾ عورتن جي اسٽڊي هال ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 43 ماڻهو مارجي ويا ۽ 83 زخمي ٿي پيا آهن، جنهن ۾ ڇوڪريون ۽ عورتون سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيون آهن. هن وقت تائين ڪنهن به گروپ طرفان حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي وئي. ٻئي پاسي افغانستان جي عبوري حڪومت چيو آهي ته حملي ۾ هن وقت تائين 25 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 33 زخمي ٿي پيا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close