پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي جو احتجاج

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ايس يو پي پاران ٻوڏ جو پاڻي نه ڪڍڻ ۽ ٻين مسئلن جي حل لا پريس ڪلب ٻاهران لڳايل بک هڙتالي ڪئمپ تي احتجاج جاري رکيو ويو، ڪئمپ تي سوين برسات متاثر مرد ۽ عورتون پهچي ويون، جن انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جا گهر الهه تلهه لڙهي ويا آهن، زرعي زمينون پاڻي جي گهيري ۾ آهن، انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ لا سنجيده ناهي، ايندڙ سيزن ۾ پوکي نه ٿيندي. هنن گهر ڪئي ته جلد پاڻي نيڪال ڪرائي ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي. ايس يو پي اڳواڻن چيو ته اسان مطالبا عوامي مطالبا آهن، جيستائين اٽي جي سرڪاري اگهه تي فراهمي، وڌندڙ بدامني، منشيات جي روڪٿام ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي، ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪالي ۽ آبادگارن جي زرعي قرضن جي معطل نه ڪيا ويندا، تيستائين هي بک هڙتال ڪئمپ جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button