عالمي

روس ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 30 هزار نوان ڪيس رپورٽ، 96 ڄڻا فوت

ماسڪو: روس ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا 30 هزار 35 ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ وائرس سبب متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 21049027 ٿي ويو آهي. چيني خابرو اداري روسي صحت واري وزارت جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس سبب متاثر 30 هزار 85 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽ 96 ماڻهن جي فوتگي کانپوءِ فوتگين جو مجموعي انگ 387468 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته هن وقت تائين وائرس مان 20140608 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button