سنڌ

ڪوهستان ۾ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڪوهستان ۾ عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو. پورهيت يوسف باريجو پنهنجي 15 ورهين جي پٽ محمد اسماعيل باريجو کي بخار سبب ريڪ ۾ اسپتال آندو، جتي عطائي ڊاڪٽر گلو مڱڻهار جي غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري نينگر جي جسم تي ري ايڪشن ٿي ويو، جنهن سبب نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو جتي نينگر تڙي تڙپي فوت ٿي ويو. نينگر جي فوت ٿيڻ تي وارث بيهوش ٿي ويا ۽ ڊاڪٽر کي پٽون پاراتا ڏيندي ڪاروائي جو مطالبو ڪيو. نينگر جي پي يوسف باريجو، جان محمد باريجو ۽ ٻين چيو ته ڪوهستان ۾ عطائي ڊاڪٽرن پنهنجا ديرا ڄمائي ورتا آھن، نينگر کي تيز بخار ٿيو جنهن سبب ريڪ ۾ موجود ڊاڪٽر گلو مڱڻهار کي ڏيکاريوسين ته هن تيز بخار ۾ انجيڪشن هنئي ۽ نينگر کي فوري طور ري ايڪشن ٿي پيو ۽ سندس ٻانھن خراب ٿي وئي، جنهن تي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪ مان ڀڄي ويو ۽ اسان نينگر کي حيدرآباد آندو، جتي ڊاڪٽرن چيو ته نينگر کي خطرناڪ ري ايڪشن ٿيو آھي. بعد ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. هن مطالبو ڪيو ته عطائين خلاف ڪاروائي ڪري هيلٿ کاتي کي اکيون پٽجڻ گهرجن ۽ ڪوهستان ۾ ڊاڪٽرن جو ٽيمون موڪلي ماڻهن کي موت کان بچايو ويو. هوڏانهن نينگر جي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد کان ڪوٽڙي ڳوٺ يوسف بلوچ آندو ويو جتان ڪفن جو بندوبست ڪري وارث ڪوهستان ريڪ کڻائي ويا، جتي آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button