سنڌ

باڊهه واسي جي يو آئي ڪارڪن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باڊهه جي تقي شاهه پاڙي واسي جميعت علماءِ اسلام جي ڪارڪن پارٽي اڳواڻن پاران امدادي سامان جي ورهاست ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالشڪور جهتيال دانهيندي چيو ته گذريل ڏينهن جي يو آءِ لاڙڪاڻي جي اڳواڻن ٻوڏ متاثرن ۾ روڪ رقم ۽ راشن ورهايو پر ان سموري عمل ۾ اسان کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۽ تعلقي ڏوڪري جي اڳواڻن من پسند ماڻهن جا نالا لسٽ ۾ لکرائي اصل حقدارن کي حق کان محروم ڪيو آهي، جيڪا ناانصافي آهي. هن چيو ته اسان جي يو آءِ جا ڪارڪن آهيون، جڏهن ڪو جلسو ٿيندو يا اليڪشن جو وقت ايندو آهي ته اسان نڪري پارٽي جي ورڪ ڪندا آهيون، پر تنهن باوجود به اسان کي پوئتي ڌڪي من پسندن کي سامان ۽ رقم ڏني وئي. هن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي لاڙڪاڻي ۽ ڏوڪري جي اڳواڻن کان پچاڻو ڪري اسان جي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button