پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي تعلقي جي اڪثر علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل، زمينون به ٻڏل

ڊگهڙي: ڊگهڙي ۾ برساتن کي 2 مهينا گذرڻ باوجود ڪيترائي علائقا اڃا تائين برساتي ۽ ٻوڏ واري پاڻي هيٺ آهن، پر انتظامي اپاڻي نيڪال ڪرائڻ لا ڪي به قدم ناهن کنيا. برساتن کي لڳ ڀڳ ٻه مهينا گذرڻ باوجود تعلقي جي انب موري، صوفي آباد، يوسي مير خدابخش ٽالپر جي ڳوٺ قمرالزمان مهر، لڌا رام، جيئو ڪلوئي، حافظ مير ڪلوئي ۽ چوڌري سجاد جٽ سميت تعلقي جا سوين ڳوٺ اڃا تائين پاڻي جي گهيري ۾ آهن. ھزارين ايڪڙ زمين ۾ پاڻي بيهڻ ڪري ڪڻڪ، سرنهن ۽ ٻين جنسن جي پوکي سخت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن ڪري هاري ۽ آبادگار سخت پريشان آهن. ڳوٺ قمرالزمان مهر پاڻي جي گهيري ۾ هئڻ ڪري رهواسين کي ڪم ڪار سانگي شهر وڃڻ لا گوڏي جيتري بيٺل پاڻي مان سفر ڪري اچڻو پوي ٿو، جڏهن ته ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جنهن ڪري متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي اختيارين توڙي چونڊيل نمائندن ڪا سار نه لڌي آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان کي سرڪار پاران ٽينٽ ۽ راشن سميت ڪجهه به ناهي ڏنو ويو، گندي پاڻي ۾ مڇر ۽ بيماريون ٿي پيون آهن، جنهن سبب ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. هنن ڪمشنر ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته تعلقي جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن کي ٽينٽ ۽ راشن ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button