پاڪستانسنڌ

ڄامشوري ۾ لطيف آباد واسڻ سان لڄالٽ جي ڪوشش، 2 ڄڻا گرفتار

ڄامشوري ۾ المنظر وٽ لطيف آباد واسي عورت سان ٻن ڄڻن لڄالٽ جي ڪوشش ڪئي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب المنظر ڄامشورو جي ھوٽل ۾ ٻن ٻيڙي وارن لطيف آباد واسي عورت سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪئي، عورت طرفان دانهون ڪرڻ تي چوڪي جي پوليس اهلڪارن زيادتي الزام ھيٺ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ بعد ڄامشورو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. عورت جو چوڻ آھي ته مان پنھنجي پاڙيسري دوست سان گڏ المنظر گھمڻ آيس ته ٻيڙي ھلائيندڙ ٻن ڄڻن مونکي ھوٽل ۾ وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي، رڙيون ڪرڻ تي انھن ھٿ ڪڍيا ۽ مون ڀڄي اچي پوليس کي دانھن ڏني، جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو اسد پرھياڙ ٻڌايو ته اھا عورت ھتي اڪثر ايندي رھندي آھي اڄ زيادتي جو الزام ھنيو اٿس، اسان جاچ ڪري رھيا آھيون، عورت ۽ الزام ھيٺ گرفتار ٿيل ٻن ڄڻن جو ميڊيڪل ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button