پاڪستانسنڌ

ڪوھستان ۾ ڏياري جا رنگ وکري ويا، گهرن ۽ مندرن ۾ پوڄا پاٺ

ڪوھستان جي مختلف علائقن ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو احمد خان، سري، مول ۽ نوري آباد ۾ روشنين جو تھوار ڏياري جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، مندرن ۽ گهرن ۾ پوڄا پاٺ ڪري ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لا دعائون گهريون ويون، گھرن کي رنگ روغن ڪري رنگ برنگي بتين سان سينگاريو ويو ۽ گھر ڏيئا ٻاري روشن ڪيا ويا، هندو برادري ھڪٻئي کي واڌايون پيش ڪيون ۽ مسلمانن کي پڻ خوشي ۾ شريڪ ڪري مٺايون ورهايون ويون. صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي پنھنجي اباڻي ڳوٺ سري ۾ ڏياري جو تھوار ملھايو. سياسي سماجي اڳواڻ ڪاڪا ڪشنچند، ڊاڪٽر شيام سندر آڏواڻي، آسرمل منگلاڻي ۽ ڊاڪٽر موھن مل منگلاڻي پنهنجي ڪٽنب سان گڏ ڏياري جو تهوار جنم ڀومي ٿاڻي بولا خان ۾ ملهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button