اسلام آبادپاڪستان

جونيئر ججز جي مقرري جي حق ۾ نه هئس،حڪومت جو فيصلو مڃڻو پيو:اعظم تارڙ

اسلام آباد :قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ احتجاجن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. قانون واري وزير استعيفيٰ صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف کي استعيفيٰ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته جونيئر ججز جي مقرري جي حق ۾ نه هئس. مون بطور قانون واري وزير طور ووٽ ڏنو. اهو اتحادي حڪومت جو فيصلو هو جيڪو مون مڃيو آهي. استعيفيٰ جي اطلاع وزيراعظم کي ڏيڻ ۽ صدر ڏانهن استعيفيٰ اماڻڻ کان پوءِ نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته مون کي خبر هئي ته اوهان ڪهڙو سوال ڪندو، ان لاءِ جوڊيشل ڪميشن اجلاس کان اڳ رابطي ۾ نه آيس. جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ ذاتي طور تي نه پر بطور وفاقي وزير ووٽ ڏنو ۽ اهوئي استعيفيٰ جو اصل سبب آهي. مان جونيئر ججن جي مقري خلاف هئس پر حڪومتي پاليسي سبب مجبور ٿي عمل ڪرڻو پيو. اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي ڏانهن هٿ سان لکيل استعيفيٰ اماڻي جنهن ۾ هن روايتي لفظ لکيا ته استعيفيٰ ذاتي سببن جي آڌار تي ڏني آهي. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جي استعيفيٰ باضابطا طور تي حڪومت طرفان جاري ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button