اسلام آبادپاڪستان

حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ 12 جديد نالج پارڪس جوڙڻ جو اعلان

اسلام آباد :وفاقي حڪومت سڄي پاڪستان ۾ 12 جديد نالج پارڪس قائم ڪندي. منصوبو ٻن مرحلن ۾ پورو ڪيو ويندو، جنهن تي اٽڪل 359-939 لک رپين جي لاڳت ايندي. تفصيل موجب اهي نالج پارڪس سڄي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ قائم ڪيا ويندا. پهرين مرحلي تحت چئني صوبائي گادي واري هنڌن ڪراچي، ڪوئٽا، لاهور ۽ پشاور ۾ نالج پارڪس قائم ٿيندا. ڪامياب اڏاوت کانپوءِ ان منصوبي جي ٻئي مرحلي ۾ ان نيٽورڪ کي حيدرآباد، ملتان، بهاولپور، فيصل آباد، راولپنڊي، اسلام آباد، مظفر آباد ۽ گلگت تائين پکيڙيو ويندو. پروجيڪٽ موجب هڪ جديد ماحولياتي نظام ٺاهڻ آهي جيڪو جدت سان گڏ روزگار فراهم ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button