اسلام آبادپاڪستان

هن مرحلي تي ڪميشن جوڙڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ فوري عدالتي ڪميشن جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي آھي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميشن جوڙڻ بابت درخواست جي شنوائي ڪئي،ان سلسلي ۾ پيٽيشنر وڪيل شعيب رزاق عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس پٽيشنر وڪيل شعيب رزاق کان سوال ڪيو ته ڇا ارشد شريف جي ڪٽنب کي ڪنهن مدد جي ضرورت آهي، يا ڪير هنن وٽ ويو آهي؟ وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان اچي رهيو آهي، اسان جي استدعا آهي ته قتل جي جاچ لاءِ فوري طور عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي. عدالت چيو ته انڪوائري واري معاملي تي صحافتي تنظيمن کي آن بورد رکيو وڃي. هن مرحلي تي ڪميشن جوڙڻ جو ڪو فائدو نه ٿيندو. چيف جسٽس استدعا رد ڪندي چيو ته ڪميشن جوڙڻ واري معاملي تي صحافتي تنظيمن کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي. ڊپٽي اٽارني جنرل موقف پيش ڪندي چيو ته ڪينيا جي حڪومت طرفان رپورٽ اچڻي آهي. درخواست گذار کي رپورٽ تي ڪو اعتراض ٿيو ته ڪيس وڌيڪ ٻڌو وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته هي ٻن مختلف ملڪن جو معاملو آهي، رياستي ادارا بهتر طور معاملي کي حل ڪري سگهن ٿا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي شنوائي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button