اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چونڊن جي لاءِ اهل آهي:قانوني ماهر

اسلام آباد:قانوني ماهرن پاران پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي چونڊن لاءِ اقرار ڏنو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي قانوني ماهرن عمران خان کي ننڍي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب قانوني ونگ توشا خانا نااهلي ڪيس جو جائزو وٺڻ کانپوءِ عمران خان کي چونڊن لاءِ اهل قرار ڏيندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان ڪنهن به ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺي سگھي ٿو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن ريجنل اليڪشن ڪمشنر ڪرم ايجنسي کي عمران خان جي حصي وٺڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. ريجنل اليڪشن ڪمشنر توشا خانا نااهلي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان جي ننڍي چونڊ ۾ حصي وٺڻ بابت قانوني راءِ گھري هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوني ونگ جواب ڏنو آهي ته عمران خان آئين جي آرٽيڪل 63 ون پي جي روشني ۾ رڳو هاڻوڪي سيٽ کان نااهل آهي. عمران خان ان فيصلي جي روشني ۾ ڪنهن به ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺي سگھي ٿو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن آئيني ۽ قانوني ٽيم کان راءِ گھري هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button