اسلام آبادپاڪستان

ڪا به حڪومت مڪاني چونڊون نٿي ڪرائڻ چاهي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ڪا به حڪومت مڪاني چونڊون نٿي ڪرائڻ چاهي. اليڪشن ڪميشن پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي شنوائي چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪئي. ان موقعي تي اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته پنجاب ۾ ٻه ڀيرا تڪبنديون ڪرائي چڪا آهيون، هاڻ ٽيون مرحلو تڪبندي ڪرڻي پوندي. رولز جي ڪاپي گھربل آهي. چيف سيڪريٽري پنجاب شنوائي دوران ٻڌايو ته جلد اسان ڊي مارڪيشن ڪري وٺنداسين، 25 هزار آبادي تي تڪ بڻجي ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پنجاب حڪومت اسان کي گھربل دستاويز فراهم ڪري، پنجاب ۾ ٽيون ڀيرو مڪاني تڪبندي مذاق ناهي. جيڪڏهن اليڪشن ڪمشن پراڻي قانون تي مڪاني چونڊون ڪرائي سگھي ٿي ته اڄ ئي پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جون شيڊول جاري ڪنداسين. نئين قانون تي مڪاني چونڊن ڪرائڻيون آهن ته چيف سيڪريٽري صاحب اسان کي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ڪا حڪومت مڪاني چونڊون نٿي ڪرائڻ چاهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن اڄ توهان سپريم ڪورٽ کي ٻيهر خط لکو. هاڻ اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪندي ۽ آرڊر پاس ڪنداسين. چيف سيڪريٽري پنجاب ٻڌايو ته صوبائي اسيمبلي نئون بل منظور ڪري ورتو آهي، هو 10 ڏينهن ۾ ٺهي ويندو، نئين قانون موجب هلو، اسان ٽائم لائن کي فالو ڪنداسين. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته توهان کي لڳي ٿو ته اليڪشن اي وي ايم تي ٿي سگھي ٿي، توهان ڄاڻي واڻي اي وي ايم وجهي رهيا آهيو ته مسئلو بڻجي. هي ڄاڻي واڻي سٽنٽ آهي، توهان کي پنهنجي سياسي قيادت کي گائيڊ ڪرڻ گھرجي، پنجاب ۾ مڪاني چوندن جي حوالي سان اسان آرڊر پاس ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button