اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم طرفان ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو

اسلام آباد:وزيراعظم سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جاچ ٿيڻ گهرجي ته ارشد شريف کي ٻاهر ڇو وڃڻو پيو ۽ ڪير فائدو کڻي رهيو آهي؟ پاڪ فوج حڪومت کان ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ ۽ الزام لڳائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي به درخواست ڪئي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ان ڳالهه جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ته ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو. ان سلسلي ۾ ڪالهه وڊيو بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪينيا ۾ اسان جي صحافي ارشد شريف سان ٿيل افسوسناڪ واقعو انتهائي مذمت جوڳو آهي. عوام ان تي ڏکارو آهي. مون ان واقعي جي هاءِ جڊيشل ڪميشن ذريعي شفاف انڪوائري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج کي درخواست ڏينداسين. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان ان فيصلي جي تصديق لاءِ ڪابينا کي گهرائينداسين، قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته واقعي جي شفاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي ويندي ۽ حقيقتون پوري قوم آڏو آنديون وينديون. وزيراعظم چيو ته ڪالهه سعودي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ مون ڪينيا جي صدر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس درخواست ڪئي ته هو اسان کي فوري طور تي جاچ رپورٽ موڪلي ۽ ارشد شريف جو مڙهه پاڪستان موڪلڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ان لاءِ مان ڪابه ڪسر نه ڇڏيندس ۽ هن مون سان همدردي جو اظهار ڪيو. سينيئر صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف کي آچر جي رات ڪينيا ۾ پوليس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. سندس گهرواري جويريا صديقي جو چوڻ آهي ته ارشد شريف جو مڙهه اڄ پاڪستان پهچندو ۽ تدفين خميس تي اسلام آباد جي ايڇ 11 قبرستان ۾ ڪئي ويندي. جڏهن ته سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪميشن جو سربراهه سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا مان به ميمبر شامل ڪري سگهندو. هن چيو ته وزيراعظم اهو فيصلو مرحوم ارشد شريف جي قتل جي اصل حقيقتن جي تعين لاءِ ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون پڻ جاري ڪري ڇڏيون آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ۾ اهڙن ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي جن تي ارشد شريف جي وارثن کي اعتماد هجي. ٻئي طرف پاڪ فوج سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي. جي ايڇ ڪيو طرفان حڪومت کي ارشد شريف جي قتل واري معاملي جي مڪمل جاچ لاءِ خط لکيو ويو آهي. جنرل هيڊ ڪوارٽرز طرفان خط ۾ ارشد شريف واري مامري تي ڪميشن جوڙڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ان معاملي جو الزام ادارن تي لڳائڻ وارن خلاف پڻ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار چيو آهي ته ارشد شريف واقعي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، جاچ ان ڳالهه جي به ٿيڻ گهرجي ته ارشد شريف کي وڃڻو ڇو پيو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ارشد شريف واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي، حڪومت کي درخواست آهي ته اعليٰ سطحي جاچ ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف ان واقعي تي ڪينيا جي صدر سان به ڳالهايو آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت طرفان افسوسناڪ واقعي جي مڪمل جاچ جو چيو ويو آهي، جاچ ان ڳالهه جي به ٿيڻ گهرجي ته ارشد شريف کي وڃڻو ڇو پيو، ان افسوسناڪ واقعي جا سمورا عمل ڏسڻ جي ضرورت آهي. ڪينيا جي پوليس غلطي تسليم ڪئي آهي پر ڪيترائي سوال ٿا اٿن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ارشد شريف پروفيشنل صحافي هو، بنا ثبوتن جي الزام هڻندڙن خلاف ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ڏسڻو آهي ته ان واقعي کي بنياد بڻائي ڪير فائدو کڻي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button