پاڪستانسنڌ

شگر ڪين بورڊ جو اجلاس، آبادگارن ۽ پاسما اڳواڻن جي شرڪت

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ ڪريشنگ شروع ڪرڻ بابت شگر ڪين بورڊ جو اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت زراعت جي صلاحڪار منظور وساڻ ڪئي، اجلاس ۾ سيڪريٽري زراعت اعجاز مهيسر، ڊي جي زراعت نور محمد بلوچ، سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ پاسما سميت ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو ته ڪمند جي اگهه ۽ ڪريشنگ شروع ڪرڻ بابت ايندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت هميشه وانگر هارين جو ساٿ ڏنو آهي، قانون موجب سنڌ ۾ 30 نومبر تائين ڪريشنگ شروع ٿيندي آهي، ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ جلد کان جلد شگر ملون هلايون وڃن. اجلاس ۾ سنڌ جي هارين، اڳواڻن چيو آهي ته ٻوڏ سان سنڌ جي هارين کي وڏو نقصان پهتو آهي، ڪمند جو سرڪاري اگهه 320 کان 330 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي، شگر مل مالڪن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جو وڏو اسٽاڪ موجود آهي، وفاق ايڪسپورٽ ڪرڻجي اجازت ڏي، سنڌ حڪومت وفاق سان کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button