سڄي ملڪ جيان حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميه پاران ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهائي شهباز بلڊنگ حيدرآباد کان پوسٽ ماسٽر جنرل آفيس تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جو ظلم ۽ بربريت اڄ بھ جاري آھي، اهو ئي سبب آهي جو هر سال هي ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن گڏيل قومن واري اداري کان گهر ڪئي ته ڪشمير مان ڀارتي فوج کي هٽائڻ ۽ انهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ريلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد قائم اڪبر نمائي، ڊي او سيڪنڊري ايجوڪيشن، ڊي او پرائمري، سمورن تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، سماجي تنظيمن، مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ اسڪائوٽس وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close