اسلام آباد : اسلام آباد پوليس پي ٽي آئي جي لانگ مارچ دوران سيڪيورٽي جي انتظامن جي تياري مڪمل ڪري ورتي. پوليس پاران جاري نوٽيس موجب لانگ مارچ لاءِ 13 هزار 86 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ٻه ڊي آئي جي، 4 ايس ايس پي 11 ايس پي نگراني ڪندا ۽ 30 اي ايس پي ۽ ڊي ايس پي مقرر ڪيا ويندا. پوليس ٻڌايو ته اسلام آباد پوليس جي گڏيل طور تي 4 هزار 190 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا. جڏهن ته 4 هزار 265 ايف سي، 3 هزار 600 ريجرز ۽ سنڌ پوليس جا هڪ هزار 22 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا. وڌيڪ تيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته 616 آڻيندڙ گيس گن ۽ 50 هزار شيل 611 ٻارنهن بور گن ۽ 36 هزار 700 رائونڊ فراهم ڪيا ويا آهن. هوڏانهن اسلام آباد پوليس 4 آڪٽوبر تي وفاقي گادي واري هنڌ پهچڻ واري پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران ضابطي اخلاق بابت پنهنجي آفيسرن کي هدايت جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ مظاهرين تي سڌوسنئون ڳوڙها آڻيندڙ گئس فائر نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي هدايت موجب فرنٽ لائن تي مقرر آفيسر اين ٽي رائٽ گيئر پاتل هوندا. جڏهن ته مناسب گيئر کان بغير اهلڪارن کي مظاهرين کان پري رکيو ويندو. اهڙي طرح لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ مقرر پوليس اهلڪار غير واسطيدر هوندا، انهن کي صرف لٺيون رکڻ جي اجازت هوندي. پوليس اهلڪارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته لاٺي چارج جي صورت ۾ مظاهرين جسم جي مٿئين حصي ۾ مارڻ کان پرهيز ڪيو وڃي ۽ مظاهرين کان پٿراءُ جي صورت ۾ اضافي شيلڊ جو موثر طريقي سان استعمال ڪيو وڃي. ٻئي طرف گهرو وزير پي ٽي آئي لانگ مارچ کان اڳ سرڪاري ملازمن لاءِ ميموريڊم جاري ڪندي واضح چيو ته ملڪ جي آئين ۽ قانون کي ڪنهن کي به هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. 26 آڪٽوبر تي جاري ٿيندڙ ميمورينڊم ۾ چيو ويو ته لاڳاپن کي هموار ڪرڻ لاءِ واسطيدار آئيني قلم هڻڻ گهرجن. چيو ويو ته احتجاج جو هڪ طريقيڪار هجڻ گهرجي جيئن آئين ۾ درج ۽ سپريم ڪورٽ جي مختلف فيصلن ۾ بيان ڪيو ويو آهي چيو ويو آهي ته اهو يقيني بنائڻ ايترو ئي ضروري آهي ته ڪنهن به سرڪاري ملازم کي اهڙي ڪنهن احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. گذريل ڏينهن گهرو وزير چيو هو ته هاڻي هڪ اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ لانگ مارچ بابت سيڪيورٽِ جو جائزو ورتو ويو. پي ٽي آئي جي درخواست جو به جائزو ورتوپيو وڃي. جيڪڏهن اسلام آباد پوليس ان جي درخواست کان مطمئن ٿي ته پي ٽي ائي کي ان جي مقرر تاريخ کان ٻه ڏينهن اڳ مقرر ٿيل جڳهه تي جلسي جي اجازت ڏني ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close