سنڌ

ڀرتين ۾ لاپرواهي تي ڪارروائي ڪئي ويندي:سردار شاهه

سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو آهي، جتي 60 هزار استادن جي ڀرتي جو عمل هڪ غير جانبدار اداري جي سهڪار سان مڪمل ڪيو پيو وڃي. اسان اهي ڀرتيون بغير ڪنهن مداخلت يا سفارش جي ڪيون آهن. . اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ نيو سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جي آڊيٽوريم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته هن وقت تائين اسان 52 هزار ڀرتين جو عمل مڪمل ڪري چڪا آهيون. ڪجهه مسئلن جي ڪري آفر ليٽر روڪيا ويا آهن، ڪاغذن جي تصديق ٿيڻ بعد آفر ليٽر جاري ڪيا ويندا. جڏهن ته 70 سيڪڙو پوسٽنگ آرڊر ڏنا ويا آهن. سردار شاهه چيو ته جتي استادن جي کوٽ نه هجي، اتي پوسٽ ڪيل استادن جي ڀرتي اسان جي اولين ترجيح هوندي ته جيئن بند پيل اسڪول کولي سگھجن ۽ اسڪولن جي تدريسي عمل کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي. نئين ڀرتين کانپوءِ اسان جو ڪو به تعلقو اهڙو نه بچندو جتي اسڪول ۾ استاد نه هجي. صوبائي وزير چيو ته ٿرپارڪر جي ٻن آفيسرن کي ڀرتين ۾ سستي جي شڪايت تي معطل ڪيو ويو آهي. سردار شاهه چيو ته نوان استاد اسان جو مستقبل اڳتي وٺي ويندا، هاڻي اسان جي تعليمي معيار ۽ تعليمي مستقبل جو دارومدار انهن استادن تي آهي. صوبائي وزير چيو ته تعليم واري وزارت پبلڪ سروسز ڪميشن کي 4800 نيون نوڪرين ڏيڻ لاءِ لکيو آهي. نئين ڀرتين جي عمل ۾ ميوزڪ ۽ آرٽ ٽيچرز رکيا ويندا. ان کان اڳ سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه جي صدارت هيٺ استادن جي ڀرتي واري معاملي تي اهم اجلاس ٿيو. ان موقعي تي سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن اڪبر لغاري، ڊائريڪٽر اسڪولز، ڊي اي اوز ۽ ٻين تعليم کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر جي 17684 خالي جاين تي 15885 اميدوارن کي آفر ليٽر جاري ڪرڻ جو مرحلو مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پرائمري اسڪولن جي استادن جي 40167 پوسٽن تي 35153 اميدوارن کي آفر ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. صوبائي تعليم واري وزير پليسمينٽ جي معاملي تي شڪايتن تي ڊي اي اوز تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هدايتون ڏنيون ته جن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي. اتي استادن جي مقرري اولين ترجيح هئڻ گهرجي. استادن جي کوٽ سبب ڪو به اسڪول خالي نه رهڻ گهرجي، هن چيو ته ڪنهن به استاد جي ڀرتي جو معاملو انتظامي سطح تي التوا ۾ نه رکيو وڃي. صوبائي تعليم واري وزير چيو ته جن ضلعن ۾ ڀرتين جي معاملي ۾ لاپرواهي ڪئي وئي، اتي آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button