سنڌ

ٽي نانگ عمران خان کي ٻئي پاسي وٺي وڃي رهيا آهن:فيصل واوڊا

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته عمران خان کي ٻه خاص، ٽي نانگ ڪنهن ٻئي رستي وٺي وڃي رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا ٽوئيٽر بيان ۾ چيو ته پنهنجي قائد عمران خان کي سمجهائيندو رهيس، ٻڌائيندو رهيس ۽ نشاندهي ڪندو رهيس ته سندس ڇويهه سالا سياسي محنت کي ٻه خاص، ٽي نانگ ۽ ڪجهه ڪيڙا ڪنهن ٻئي پاسي وٺي وڃي رهيا آهن. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته ان صورتحال سان ملڪ کي نقصان رسيو، ادارن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پي ڊي ايم کي فائدو ٿيو، اسان ٺاهه جي ويجهو هئاسين، جلد انهن جا نالا سامهون آڻيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button