سنڌ

حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳائڻ ۾ سنجيده آهي:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳائڻ ۾ سنجيده آهي، اسان چاهيون ٿا ته ان تي جلد کان جلد ڪم جي شروعات ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پلانٽ لڳائڻ تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر يوٽونگ مڊل ايسٽ اينڊ پاڪستان مسٽر روبن، سيلز مينيجر مسٽر پال، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ ماسٽر موٽرز پاڪستان محمد فيصل معراج، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اين آر ٽي سي صہيب شفيق ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا. اجلاس ۾ سنڌ ۾ يوٽونگ پبلڪ ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳائڻ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پيپلز بس سروس پروجيڪٽ جي تحت چائنا مان وڌيڪ بسون آڻڻ تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صوبائي وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته يوٽونگ پنهنجو حتمي پروپوزل سنڌ حڪومت کي پيش ڪري. سنڌ حڪومت صوبي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ پلانٽ لڳائڻ ۾ سنجيده آهي، اسان چاهيون ٿا ته ان تي جلد کان جلد ڪم جو آغاز ٿئي. پلانٽ سان نه صرف روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا پر مقامي سطح تي بسن جي پيداوار جو آغاز ٿي ويندو. ڊائريڪٽر يوٽونگ مسٽر روبن صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته يوٽونگ پلانٽ جي پروپوزل تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، ان ڏس ۾ جلد پروپوزل سنڌ حڪومت کي پيش ڪيو ويندو. ان موقعي تي يوٽونگ بس چائنا ۽ ماسٽر موٽرز پاڪستان پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان جون 10 ٽرڪون صوبائي وزير جي حوالي ڪيون ويون. امدادي سامان ۾ 1400 راشن بيگس ۽ 200 خيما شامل آهن. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان ڏيڻ تي چيني ڪمپني جا ٿورا مڃيندي چيو ته چين جي حڪومت ۽ چائينيز ڪمپنين پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڀرپور مدد فراهم ڪئي آهي، جنهن تي ڊائريڪٽر يوٽونگ مسٽر روبن چيو ته پاڪستان اسان جو ٻيو وطن آهي، اهو اسان تي فرض آهي ته مشڪل گھڙي ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي مدد ڪريون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button