سنڌ

عمران خان جي هڪ نڪاتي ايجنڊا صرف اقتدار جي بک آهي:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 5 مهينن ۾ عمران خان اسلام آباد تي ٻي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهيو آهي. عمران خان جي هڪ نڪاتي ايجنڊا صرف اقتدار جي بک آهي. صوبائي وزير اطلاعات پنهنجي جاري بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي ڪرسي تائين پهچڻ لاءِ لاشن تان گذرڻ کان به پاسو نه ڪندو. ڇا قوم پنهنجي راجڌاني تي حملي لاءِ هن ڪوڙي، مڪار شخص جو ساٿ ڏيندي. ڇا محب وطن پاڪستاني پنهنجي بهادر فوج، رياستي ادارن جي خلاف گندي سازشن ۾ مصروف عمران خان جو ساٿ ڏيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي پڻ گذارش آهي ته ڇا هو پاڪستان جي شهه رڳ اسلام آباد تي چڙهائي ۾ عمران خان جو هٿيار بنجڻ وڃي رهيا آهن. هي حقيقي آزادي مارچ ناهي، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. عمران خان پنهنجي پرڏيهي فنانسرز جي ٻڌايل رستي تي هلي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت اسلام آباد تي حملي کي ناڪام بنائڻ لاءِ وفاق جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. سنڌ پوليس جا جوان اسلام آباد پهچي ويا آهن، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پاڪستان جو ڪرپٽ ترين شخص آهي، جيڪو انقلاب جون ڳالهيون ڪري عوام کي گمراهه ڪري رهيو آهي. گھڙي چور، کنڊ چور ۽ ڪڻڪ چور کي ڪھڙي خبر ته حقيقي انقلاب ڇا هوندو آهي. جعلي لانگ مارچ کان پهرين عمران خان قوم کي بي آر ٽي پشاور ۾ 7 ارب روپين جي ڪرپشن جو حساب ڏئي. عمران خان ٻڌائي ته فرح گوگي، عليمه خان اربين روپين جو بينڪ بيلنس ڪيئن ٺاهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button