سنڌ

ڪراچي ۾ مڇريل هجوم موبائل ڪمپني جا 2 ملازم ماري ڇڏيا

ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ مڇريل ماڻهن موبائل ڪمپني جي ٻن ملازمن کي ڏوهاري ڄاڻائي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، ٻئي ڄڻا علائقي ۾ موبائل سگنل چيڪ ڪرڻ آيا هئا، ڊي آ جي ڏکڻ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄڻا ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن کي پڪڙيو ويو ۽ پوءِ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ ايس ايس پي ڪيماڙي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪياماڙي فدا جانوري جو چوڻ آهي ته ٻئي ڄڻا ٽيلي ڪام ڪمپني جا ملازم هئا، واقعي جي سمورن رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوث جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. مارجي ويلن مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ مڪلي واسي ايمن جاويد طور ٿي، تشدد ۾ ماريل ٻيو شخص ڊرائيور اسحاق جمالي هو. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو آهي ته ٻئي ملازم ڪياماڙي جي مڇر ڪالوني ۾ موبائيل سگنل چيڪ ڪرڻ آيا هئا، افواهه پکيڙيو ويو ته هو علائقي مان ٻارن کي اغوا پيا ڪن. هن چيو ته مڇريل ماڻهن جي هجوم ٻنهي ملازمن کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو ته ملازمن کي ڇڏائڻ لاءِ پهتل پوليس اهلڪارن تي به تشدد ڪيو ويو، 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري موجب واقعي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو. ھوڏانهن تشدد ۾ مارجي ويل ٽيلي ڪام ڪمپني جي ملازم ايمن سعيد جاويد جي پيءُ پٽ جي قتل جو انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ڊاڪٽر سعيد جاويد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مان انصاف چاهيان ٿو، منهنجي پٽ جي قتل جي جاچ شفاف نموني ڪئي وڃي. مقتول ايمن جو تعلق ٺٽي سان آهي، سندس والد ڊاڪٽر سعيد جاويد سينيئر صحافي آهي، جيڪو پڻ طبي شعبي سان لاڳاپيل آهي. ڊاڪٽر سعيد جاويد چيو ته منهنجي ٻار ٻه مهينا اڳ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، ڇنڇر تي گهر ايندو هو ۽ سومر تي ڪم تي ويندو هو. ڪمپنيءَ طرفان کيس ڪراچيءَ ۾ رهائش ڏني وئي ۽ هو هميشه ڪمپنيءَ جي ڪار ۾ ايندو هو. هن چيو ته اڄ به هو ڪمپني جي ڪار ۾ ويو ۽ ڪمپني مون کي سندس موت جي خبر ڏني. ڊاڪٽر سعيد چيو ته شهر ۾ معصوم نوجوان جي موت جون خبرون ماڻهو پڙهي رهيا آهن، اڄ اهو واقعو مون سان پيش آيو آهي. منهنجي ٻار جو رڪارڊ چيڪ ڪريو، سندس ڪوبه ڏوهي رڪارڊ ناهي. هن چيو ته قتل جي انڪوائري شفاف نموني ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button