اسلام آبادپاڪستان

صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ، فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم ڪينيا پهچي وئي

سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ ڪرڻ لا جوڙيل 2 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم دوحا رستي ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي پهچي وئي آهي. 2 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم کي قتل جا اصل ڪارڻ معلوم ڪرڻ لا حڪومت طرفان 15 ڏينهن لا ڪينيا موڪليو ويو آهي. ذريعن موجب فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم کي مقتول ارشد شريف جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سميت ٻيا دستاويز به ڏنا ويا آهن. ٻئي طرف نيروبي ڀرسان صحافي ارشد شريف تي فائرنگ مهل سندس گاڏي ۾ موجود ٻن ماڻهن خرم ۽ سندس ڀا وقار جو ڪراچي سان تعلق هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا جي ٽيم ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ٻنهي ڀائرن خرم ۽ وقار جي گهر پهتي ته گهر بند مليو. ٻڌايو پيو وڃي ته خرم ۽ وقار ڪجهه عرصي کان پرڏيهه ويل آهن، جڏهن ته سندن والد هڪ ڏينهن اڳ ڊفينس وارو گهر ڇڏي نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button