پاڪستان

لانگ مارچ ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي، پيمرا لائيو ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي

پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي (پيمرا) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي سڌو سنئون ڏيکارڻ (لائيو ڪوريج) تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. پيمرا طرفان سڀني ٽي وي چئنلز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۽ اڳواڻن جي تقريرن سميت ٻين پروگرامن کي لائيو نشر نه ڪيو وڃي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو ته پيمرا طرفان ڪيل نگراني ۾ ان ڳالهه جو مشاهدو ٿيو ته تقريرن دوران ادارن خلاف بيان سڌي ريت نشر ڪيا ويا، جيڪو عدالتي حڪم ۽ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي آهي، تنهن ڪري ٽي وي چئنل اهڙو مواد ڏيکارڻ کان پاسو ڪن، جيڪو ڄاڻي واڻي ۽ اڻڄاڻائي ۾ رياستي ادارن کي بدنام ڪرڻ برابر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button