اسلام آبادپاڪستان

چيف اليڪشن ڪمشنر کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙ شخص ايئرپورٽ تان گرفتار

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ سندس گهرڀاتين کي سوشل ميڊيا تي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار کي وفاقي جاچ اداري (ايف آ اي) گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب جوابدار چيف اليڪشن ڪمشنر کي سوشل ميڊيا تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون هيون ۽ روپ مٽائي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ايف آ اي جا اهلڪار بروقت اطلاع ملڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ پهتا ۽ پرڏيهه روانگي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو، جنهن کان پڇاڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button