عالمي

آمريڪا ايٽمي هٿيارن ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

آمريڪا ايٽمي هٿيارن ۾ واڌ جي منصوبي يا امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته ايٽمي هٿيارن ۾ اضافي جو ڪو منصوبو ناهي ۽ نه ئي وري روس ۽ چين سان گڏ هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. روسي خابرو اداري مطابق آمريڪي انڊر سيڪريٽري فار آرمز ڪنٽرول اينڊ انٽرنيشنل سيڪيورٽي افيئرس بوني جينڪز چيو آهي ته آمريڪا ۽ روس ماضي ۾ هٿيارن جي ڊڙ ۾ شامل رهيا آهن پر هن وقت صورتحال اها آهي ته اسان اربين ڊالر هٿيارن جي تياري ۽ ايترا ئي پئسا ان جي خاتمي لاءِ خرچ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ آمريڪا کي پنهنجي دفاعي صلاحيت مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي حالتن سان منهن ڏيڻ لاءِ باخبر ۽ تيار رهڻ گهرجي ۽ ان حوالي سان گهڻي سوچ ويچار جي ضرورت آهي، تنهن ڪري ماضي وانگر هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو جواز ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button