پاڪستانسنڌ

سنڌ جي سياست ۾ هلچل، آصف زرداري ۽ پير پاڳاري ۾ ٽن ڏهاڪن بعد ملاقات جو امڪان

اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ٽن ڏهاڪن بعد حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان ملاقات جا آثار نظر اچي رهيا آهن، جنهن بعد سنڌ جي سياست ۾ اهم تبديلين جو امڪان آهي. ذريعن موجب فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير صبغت الله راشدي ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ گڏيل دوستن ويڇا ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻئي اڳواڻ ماضي ۾ سٺا دوست رهيا آهن، تنهن ڪري ٻنهي ملاقات ۾ سنڌ جي مستقبل جي سياست لا اهم فيصلا ٿي سگهن ٿا، اها ملاقات تمام جلد ڪراچي ۾ ٿيندي، گذريل رات به سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، جيڪا ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهي. گورنر سنڌ ملاقات ۾ پير پاڳاري تائين اهم شخصيتن جو پيغام پهچايو. ان موقعي تي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ توهان جو سياسي ۽ روحاني ڪردار آهي ۽ ادارن سان ٽڪرا ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. پير پاڳاري ملاقات دوران چيو ته اسلام ۽ پاڪستان جو مفاد سڀني کان وڌيڪ عزيز آهي، سياسي قوتن سان شڪايتون ٿي سگهن ٿيون، اسان سڀني کي گڏ وٺي هلندا آهيون. پير پاڳاري گورنر کي يقين ڏياريو ته فنڪشنل ليگ توهان سان گڏ آهي، سڀني کي گڏ وٺي هلو ۽ سنڌ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪريو. گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button