پاڪستان

چيف جسٽس قوم جي حقن جي حفاظت ڪري، توهان تحفظ نه ڏيندا ته ٻيو ڪير ڏيندو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڪير به توهان کي آزادي ڏيندو ناهي پر ڇني وٺڻي پوندي آهي، زنجير ڪرندا نه آهن ٽوڙڻا پوندا آهن، اسان ڍور ٻڪريون نه آهيون، جانورن جيان نه رکيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي چوان ٿو ته قوم توهان ڏانهن ڏسي رهي آهي، جيڪڏهن توهان اسان کي تحفظ نه ڏيندا ته ٻيو ڪير اسان جي حقن جي حفاظت ڪندو. لاهور جي علائقن شاهدرا ۽ فيروز والا ۾ لانگ مارچ جي ڪارڪنن ۽ عوام سان ڪنٽينر تي خطاب ڪندي هن چيو ته سازش ڪري ملڪ تي امپورٽيڊ حڪومت کي مڙهيو ويو آهي، جنهن مان اسان کي ملڪ آزاد ڪرائڻو آهي ۽ جدوجهد ڪرڻي آهي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي قوم کي تحفظ فراهم ڪرڻ لا پنهنجو ڪردار ادا ڪري، پهريان اسان تي چورن کي مڙهيو وڃي ۽ پو چيو وڃي ته ڍور ۽ ٻڪريون بڻجي وڃو ۽ هنن کي قبول ڪري وٺو ته ائين هرگز نه ٿيندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 70 سالن جي عمر ۾ آئون رستن تي ڇو نڪتو آهيان، مون وٽ ڪنهن به شي جي گهٽتائي ناهي، الله تعاليٰ سڀ ڪجهه عطا ڪيو آهي، رڳو اهو چاهيان ٿو ته نوجوانن جي اهڙي تربيت هجي جو کين خبر پوي ته آزادي ڇا هوندي آهي، غلام فقط هڪ سٺو غلام ٿي سگهي ٿو، دنيا تي آزاد ماڻهو حڪومت ڪندا آهن. ٻئي طرف هڪ خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ عمران خان ڊي جي آ ايس پي آر ۽ ڊي جي آ ايس آ جي پريس ڪانفرنس تي تبصرو ڪندي چيو ته سچ جي نالي ۾ ڪيل هن پريس ڪانفرنس ۾ ڪوڙ ۽ اڌ سچ ڳالهايو ويو، جيڪي حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيا ويا، آئون اسٽيبلشمينٽ جي منظوري سان حڪومت ۾ نٿو اچڻ چاهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button