سنڌ

سيوهڻ بم ڌماڪي جي جوابدار کي وڌيڪ چئن ڪيسن ۾ 35 سال قيد جي سزا

دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت سيوهڻ بم ڌماڪي جي جوابدار فرقان عرف اعظم کي وڌيڪ 4 ڪيسن ۾ 35 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مواد ۽ غيرقانوني هٿيارن جي ٽن ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو، عدالت جوابدار فرقان کي مجموعي طور تي ڪيسن ۾ 35 سال قيد جي سزا ڏني آهي، جوابدار تي 2 لک رپيا ڏنڊ به لڳايو ويو، جڏهن ته سندس متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڏنڊ جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو وڃي. جوابدار فرقان عرف اعظم کي ڌماڪيدار مواد واري ڪيس ۾ 14 سال، غير قانوني هٿيار رکڻ جي ٽن ڪيسن ۾ 7- 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. جوابدار خلاف ملير سٽي ٿاڻي تي 2020ع ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. ان کان اڳ جوابدار فرقان کي سيوهڻ بم ڌماڪي جي ڪيس ۾ 80 ڀيرا ڦاهي جي سزا ٻڌايل آهي، سنڌ ها ڪورٽ به موت جي سزا خلاف سندس اپيل رد ڪري چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button